خلفاءِ راشدين (ڪتاب)

خلفاءِ راشدين (ڪتاب)

خلفاءِ راشدين 2

خلفاءِ راشدين (ڪتاب): خلفاءِ راشدين جي سيرت تي مشتمل هيءُ ڪتاب مشهور اديب ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل آهي. ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آگسٽ 2008ع ۾ مهراڻ اڪيڊميءَ طرفان شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ خلفاءِ راشدين (حضرت ابوبڪررضه، حضرت عمررضه، حضرت عثمانرضه ۽ حضرت عليرضه) جا ڪارناما مختصر، پر جامع انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آخر ۾ حضرت امام حسنرضه جي حياتيءَ جو احوال به بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي شروع ۾ خلفاءِ راشدين ۽ حضرت امام حسين رضه جي شان ۾ حافظ بسمل ٽکڙائيءَ جي شاعري ڏنل آهي ۽ هر خليفي جي ڪارنامن بيان ڪرڻ کانپوءِ انهن جا قول پڻ ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي رنگين ٽائٽل تي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ’مهر نبوت‘ جو عڪس ڏنل آهي. رنگين ۽ پڪي جلد واري 134 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا ڄاڻايل آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو